اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي لکيل خط ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ??رڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سم??رين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي چونڊ وڙهڻ جو حق حاصل آهي. ايوان صدر ??ار??ن جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب صدر پنهنجي خط ۾ لکيو ته پاڪستان ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ قابل اعتماد چونڊن جي لاءِ اتفاق راءِ آهي، سم??رين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ عوام ک?? انهن کي چونڊڻ جو حق حاصل آهي. صدر ان حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب خان ??ار??ن مليل خط پڻ موڪليو. صدر ڊاڪٽر عارف علو?? ان ڳالهه تي روشني وڌي ته جمهوريت ئي پاڪستان جي رياست ۽ عوام جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو مناسب رستو آهي، ماڻهن جو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ آزاد ميڊيا جي ذريعي پنهنجي راءِ جو اظهار ??رڻ ئي جمهوريت جو روح آهي. پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته اهو انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته نگران وزيراعظم جي قيادت ۾ نگران حڪومت سم??رين سياسي پارٽين کي برابري جو ميدان فراهم ??رڻ جي لاءِ هڪ غيرجانبدار ڌر طور ڪوششون ڪري. هن چيو ته ان ڏس ۾ نگران حڪومت جي سم??رين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر حق ۽ موقعا فراهم ??رڻ جي پا??يس?? تي نگران وزيراعظم جا تازا بيان اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 41 تحت صدر جو عهدو، ملڪي سربراهه جي حيثيت سان جمهوريه جي اتحاد جي علامت آهي، آئين موجب سم??رن ادارن سم??ت صدر ۽ وزيراعظم شهرين جي حقن جو تحفظ ??رڻ جا پابند آهن. صدر لکيو ته پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 4 واضح طور تي بيان ڪري ٿو ته قانون موجب سلوڪ ??رڻ هر شهري جو مڃيل حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 17 موجب سياسي پارٽي جي ميمبرشپ يا تنظيم سازي ??رڻ هر شهري جو حق آهي. صدر چيو ته آئين جو آرٽيڪل 19 هر شهري کي اظهار راءِ جي آزادي سان گڏ آزاد پريس جو حق ڏي ٿو.