تاشقند – 08 – نومبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئي?? ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد م??مل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگرا?? وزيراعظم سربراهي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي ازبڪ صدر کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن سياسي، واپاري، اقتصادي، سلامتي، دفاع ۽ رابطن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻطرفي تعاون جي وڌندڙ سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي نگرا?? وزيراعظم ان رفتار کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ (يو پي ٽي ٽي اي) جي فعال ٿيڻ سان اقتصادي تعاون تنظيم واپاري معاهدي (ايڪوٽا) کي هموار ڪرڻ کانسواءِ ٻطرفي واپار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي فروغ ملندو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي معاهدي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي کي جلد م??مل ڪرڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو. نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ صدر مرزيوئيف غزه ۾ جاري انساني بحران ۽ ٻي ع??ائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيال جي ڏي وٺ ڪئي.