اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني ڪرغزستان جي ڪابينا جي چيئرمين عقيل بيڪ جاپاروف جي دعوت تي 26 آڪٽوبر تي شنگهائي تعاون تنظيم (??يس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز گ??رن??ينٽ جي 22 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ چين، قزاقستان، ڪرغزستان، روس، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جا حڪومتي سربراهه، ايران جو نائب صدر ۽ پاڪستان ۽ ڀارت جا پرڏيهي و??ير شرڪت ڪندا. ??يس سي او ۾ مبصر جو درجو رکندڙ ملڪن بيلاروس ۽ منگوليا سان گڏوگڏ ترڪمانستان خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. شنگهائي تعاون تنظيم (??يس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گ??رن??ينٽ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي، اهو بنيادي طور تي معيشت، ماليات، واپار ۽ سماجي اقتصادي تعاون جي شعبن تي ڌيان ڏي ٿو. پاڪستان 26 آڪٽوبر 2023ع تي شنگهائي تعاون تنظيم (??يس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف گ??رن??ينٽ جي صدارت سنڀاليندو. نگران پرڏيهي و??ير اجلاس جي موقعي تي ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.