اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جو سڀ کان وڏو منصوبو ??يم ايل ون (ريلوي) جو تعميراتي ڪم ايندڙ مالي سال کان شر??ع ٿيڻ جو امڪان آهي جيڪو ٽن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ذريعن موجب نظرثاني ٿيل پلان موجب ??يم ايل ون تي 6.7 ارب ڊا??ر ج?? مجموعي لاڳت ايندي جنهن تي پاڪستان ۽ چين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته ان منصوبي تي شر??عاتي لاڳت 9 ارب ڊا??ر ج?? لڳ ڀڳ هئي پر هاڻي اهو منصوبو 6.7 ارب ڊا??ر ج?? لاڳت سان شر??ع ٿيندو جنهن تي ٻنهي ڌرين جو مڪمل اتفاق ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان هلندڙ مهيني جي شر??ع ۾ ٿيندڙ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جو هڪ اهم اجلاس پڻ منعقد ڪيو ويو هو. ذريعن موجب ??يم ايل ون فيز ون جي لاڳت 2.7 ارب ڊا??ر، فيز ٽو جي لاڳت 2.6 ارب ڊا??ر ۽ فيز ٿري جي لاڳت 1.4 ارب ڊا??ر هوندي. پهرين مرحلي ۾ ??يم ايل ون تحت نوابشاهه کان روهڙي، ملتان کان لاهور ريلوي ٽريڪ ٺهندو، ٻئي مرحلي ۾ لاهور کان لالا موسيٰ، ڪيماڙي کان حيدرآباد ريلوي ٽريڪ جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ حيدرآباد کان ملتان، لالا موسيٰ کان راولپنڊي ريلوي ٽريڪ ٺاهيا ويندا. وڌيڪ اهو ته ??يم ايل ون تحت راولپنڊي کان پشاور ۽ حويليان تائين ٻه ڊرائي پو??ٽس پڻ ٺاهيون وينديون جڏهن ته ??يم ايل ون جي مڪمل ٿيڻ سان 134 ٽرينون 140 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رفتار سان هلنديون. واضح رهي ته ورلڊ بئنڪ پاڪستان حڪومت پاران کنيل قدمن مان مطمئن آهي ۽ تازو ئي ورلڊ بئنڪ جي اعليٰ عهديدارن پاڪستان جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو ۽ وڌيڪ امداد جاري رکڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي.