اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي بنگلاديش سان معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جا وسيع امڪان ??وج??د آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار بنگلاديش ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر سيد احمد معروف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته بنگلاديش ۾ نامزد هاءِ ڪمشنر ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته معيشت، ثقافت ۽ واپار جي شعبن ۾ بنگلاديش سان تعاون وڌائڻ جي ضرورت آ??ي، ٻئي ملڪ گڏيل مذهب ۽ تاريخ رکندڙ آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عوامي ۽ ثقافتي رابطا وڌائڻ جي ضرورت آ??ي. صدر ??اڪ??ر عارف علوي سيد احمد معروف کي بنگلاديش ۾ بطور پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر ??اڪ??ر عارف عل??ي نامزد هاءِ ڪمشنر جي لاءِ پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.