ڪراچي-06 آگسٽ (اي پي پي) سڌسماءَ ??ار?? و??اق?? وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان جو عوام تعمير، تخريب ۽ سازش ۾ فرق ڄاڻي ٿو، مهانگائي جو پيٽرول بم پي ٽي آءِ ڪيرائي وئي، پيٽرول بم ڦاڙي پوليس ??ار?? جا مٿا به انهن ڦاڙيا، اها ئي ان جي چئن سالن جي ڪارڪردگي آهي، گذريل ??ار سال صحافين ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي لڳيون، پريس ڪلب واحد جڳهه هئي جنهن آزادي سان اسان کي پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جو موقعو ڏنو، پيمرا آرڊيننس 2002ع ڊڪٽيٽر جو تيار ڪيل ??ارو قانون آهي، 12 مهينن جي ڊگهي مشاورت کانپوءِ پيمرا ترميمي بل 2023ع تيار ڪيو، هي ميڊيل جو بل آهي، جيستائين ان تي هڪ اعتراض به آهي ۽ اهو ختم نه ٿي وڃي قانونسازي نه ٿيندي، ڊجيٽل آدمشماري جي گڏيل مفادن ??ار?? ڪائونسل ۾ اتفاق راءِ سان منظور ڏني وئي، پوري دنيا ۾ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ نظام موجود آهي، ايس آءِ ايف سي جو مقصد سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ ون ونڊو رسائي فراهم ڪرڻ آهي، نگران وزيراعظم جي مقرري وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي آئيني ذمي??ار?? آهي ان تي مشاورت جاري آهي، ريل حادثي تي افسوس آهي، واقعي ??ار?? هنڌ امدادي سرگرميون جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، اطلاعات ??ار?? و??اق?? وزير چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي اهميت کان سڀ واقف آهن، گذريل ??ار سال جڏهن صحافين ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي بندش هئي ته پريس ڪلب واحد جاءِ هئي جتي هڪ فون تي پريس ڪانفرنس جو انتظام ٿي ويندو هو، پريس ڪلب هميشه اسان کي آزادي سان پنهنجي ڳالهه ٻين تائين پهچائڻ جو موقعو ڏنو، و??اق?? وزير چيو ته نواب شاهه ويجهو ريل ??ي حادثو پيش آيو پوري قوم ان حادثي تي ڏکويل آهي، حادثي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن لاءِ صبر لاءِ دعاڳو آهيون، هن چيو ته ريلوي ??ار?? و??اق?? وزير حادثي جي باري ۾ تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي، واقعي ??ار?? هنڌ تي رليف آپريشن جاري آهي، سمورن ادارن کي رليف آپريشن جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته حادثي جي جاچ به شروع ڪري ڇڏي آهي،ريلوي ??ار?? وزير چيو ته هن حادثي جي جاچ پبلڪ ڪئي ويندي، صحافين جي سوالن جي جواب تي مريم اورنگزيب چيو ته گذريل ??ئن سالن ??ار?? دور ۾ عالمي صحافتي تنظيم اڳوڻي وزيراعظم کي ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو، ان اداري اسان جي موجوده دور ۾ پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي درجا بندي ۾ 7 پوائنٽس جي بهتري ظاهر ڪئي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جو گلو گهٽي، صحافين ۽ سياسي مخالفن جي آواز کي بند ڪيو، هڪ سوال تي هن چيو ته پيمرا آرڊيننس 2002ع هڪ ڊڪٽيٽر جو تيار ڪيل قانون آهي، پيمرا ترمييم بل 2023ع جي تياري لاءِ 12 مهينن جي ڊگهي مشاورت جو سلسلو جاري رهيو، مون هميشه تنقيد کي وڏي دل سان قبول ڪيو آهي، هن چيو ته 12 مهينن جي مشاورت کانپوءِ تيار ٿيل پيمرا ترميمي بل هن وقت سينيٽ جي سڌ سماءَ ??ار?? اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ بحث هيٺ آهي، و??اق?? وزيرچيو ته هي ميڊيا جو بل آهي، جيستائين ان تي اعتراض ختم نٿا ٿين ان تي قانونسازي نه ٿيندي، آدمشماري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گڏيل مفادن ??ار?? ڪائونسل جو اجلاس گذريل ??ينهن وزيراعظم جي صدارت هيٺ منقعد ٿيو، هن چيو ته گڏيل مفادن ??ار?? ڪائونسل ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي، هڪ سوال جي جواب ۾ و??اق?? وزير چيو ته اسان وٽ 2 آپشنز آهن، هڪ آپشن هي آهي ته ڪستو کڻي قرض گهرندا رهون ٻيو آپشن پوري دنيا وانگر سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ آهي، هن چيو ته مقامي سطح تي سيڙپڪاري ۾ ڪا به منع نه آهي، هن چيو ته پوري دنيا ۾ سڌي ريت سيڙپڪاري لاءِ نظام موجود آهي، وزيراعظم ايس آءِ ايف سي تحت سمورن ادارن کي گڏ ڪيو آهي، هي پروپي??نڊ?? آهي ته ايس آءِ ايف سي تحت زمينون حوالي ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته ايس آءِ ايف سي بابت پنج سيڪٽرن اندر سيڙپڪاري جي عمل کي ڊجيٽل پورٽل تي وڌو پيو وڃي، هي جنرل پبلڪ پورٽل هوندو، ان ذريعي سمورا خدشا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته سمورا صوبا ۽ وزارتون ايس آءِ ايف سي اندر موجود آهن، هي ڪا اهڙي شيءَ ناهي جيڪا ڪنهن حوالي ڪئي وئي آهي، هي پوري پراسيس ۽ پلاننگ سان قائم ڪئي وئي آهي ته جيئن سيڙپڪارن کي ون ونڊو رسائي فراهم ڪري سگهجي، هن چيو ته جيڪڏهن وسيلا صحيح استعمال ٿين ته بي پناهه فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. و??اق?? وزير چيو ته قطر، سعودي عرب، يو اي اي، ايران، ع??اق، اولهندي ملڪن ۾ اهو ئي طريقيڪار استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جو مقصد سڌي ريت سيڙپڪاري لاءِ ون ونڊو رسائي فراهم ڪرڻ آهي، و??اق?? وزير ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي تحت موثر ون ونڊو جو تصور ڏئي پنج سيڪٽرز اندر انويسمينٽ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، اهو ئي طريقو آهي جنهن ذريعي قرضن جي ڀاڙڻ گهٽ ٿيندو، معاشي استحڪام ايندو ۽ اسان پنهنجو ڪنڌ مٿي کڻي پنهنجي مرضي موجب پاڪستان جي عوام کي رليف ڏئي سگهنداسين، نگران وزيراعظم جي مقرري جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ و??اق?? وزير چيو ته نگران وزيراعظم جي مقرري وزيراعظم پاڪستان ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي آئيني ذمي??ار?? آهي، ان حوالي سان مشاورت جاري آهي، انشاءُ الله جيڪو به فيصلو ٿيندو پاڪستان جي عوام جي سامهون اعلان هوندو، هن چيو ته آدمشماري ڪرائڻ قومي فرض هو، سمورا صوبا ان تي متفق هئا ۽ ان جو اعلان ڪرڻ چاهي ٿي، گذريل ??ينهن سمورن صوبن وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي متفقه منظوري ڏني، هن چيو ته 9 آگسٽ تي اسان جي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، اسيمبليون ختم ٿيڻ جي سمري صدر ڏانهن اماڻي ويندي، ان موجب ٽن مهينن ۾ چونڊون ٿيڻيون آهن، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذمي??ار?? آهي، ان پنهنجي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جو تسلسل ضروري آهي، نواز شريف جي حُوالي سان سوال تي هن چيو ته هي اهو نالو آهي جنهن پاڪستان جي دفاع کي اڻمٽ بڻايو، ملڪ اندر موٽرويز ۽ روڊن جو ڄار وڇايو، 14 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪئي، سي پيڪ جا منصوبا آندا، دهشتگردي جو خاتمو ڪيو، نواز شريف سدائين ملڪ جي خدمت ڪئي آهي، جمهوريت کي هٿي ڏني آهي، هن چيو ته پاڪستان جي عوام تعمير، تخريب ۽ سازش ۾ فرق ڄاڻي ٿو، هن چيو ته محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) ايندڙ چونڊن ۾ پاڪستان جي عوام وٽ ويندي، گوادر بندرگاهه جي حوالي سان سوال تي سڌ سماءُ ??ار?? و??اق?? وزير چيو ته گوادر پاڪستان جو جهومر آهي، پاڪستان جو معاشي دارومدار بندرگاهن تي آهي، محمد نواز شريف 2014ع ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي شروعات ڪئي، شروعات گوادر کان ڪئي، گذريل ??ئن سالن ۾ سي پيڪ جي منصوبن کي منجمند ڪيو ويو ۽ تڪراري بڻايو ويو، اسان اقتدار ۾ اچي 15 مهينن ۾ انهن منصوبن کي ٻيهر شروع ڪيو. هن چيو ته انشاءُ الله ترقي جا منصوبا اهڙي طرح جاري رهندا. پاڪستان جي عوام اسان تي اعتماد ڪيو ته ترقي جو سفر اتان کان ٻيهر شروع ڪنداسين، و??اق?? وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته زمان پارڪ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول بم جو نالو ٻڌو، پيٽرول بم زمان پارڪ ۾ ٺهيا، پوليس ??ار?? جا مٿا ڦاڙيا ويا، رينجرز جي گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون، هن چيو ته 9 مئي تي حساس ٺڪاڻن، اسپتالن، اسڪولن ۽ شهيدن جي يادگارن تي حملا ڪيا ويا. هن چيو ته انهن واقعن جو ماسٽر مائينڊ عمران خان هو، هن چيو ته عمران خان مارچ 2022ع ۾ پنهنجي صحيح سان آءِ ايم ايف جي پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي، هن چيو ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ آءِ ايم ايف جو پروگرام مڪمل ڪيو هو، مهانگائي جي شرح گهٽ ترين هئي، 6.1 سيڪڙو جي شرح سان ملڪ ترقي ڪري رهيو هو ته پوءِ ڇو پي ٽي آءِ آءِ ايم ايف وٽ وئي، ان لاءِ ته هنن معيشت کي تباهه ڪيو، جيستائين بي اعتمادي جي رٿ ذريعي پنهنجو اقتدار ويندي ڏٺو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پيٽرول جون قيمتون ڪيرائي پنهنجي ئي صحيح سان ڪيل آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪئي، هن چيو ته مهانگائي جو پيٽرول بم پي ٽي آءِ ڪيرائي وئي، پيٽرول بم ڦاڙي پوليس ??ار?? جا مٿا به انهن ئي ڦاڙيا اهي سموريون شيون انهي ڏانهن وڃن ٿيون ۽ اها ئي ان جي چئن سالن جي ڪارڪردگي آهي.