اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اج??اس ۾ سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت سان شرڪت ڪئي، ايس سي او جي اج??اس ۾ شرڪت ڪارائتي ثابت ٿي، ڀارت ۾ ويهي ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پاڪستان جو به مسئلو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ متاثر آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اس??ين??نگ ڪميٽي جي اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اس??ين??نگ ڪميٽي جو اج??اس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اج??اس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ ڪئي، اج??اس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو نالو وٺڻ کانسواءِ اسان جي ميزبان ڪجهه معاملا اٿاريا، شنگهائي تعاون تنظيم جي اج??اس دوران مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ٿيون، ايس سي او جي اج??اس ۾ پاڪستان جي موقف کي سڀني جي سامهون رکي??. ه?? چيو ته گووا وڃڻ کان اڳ طئي ڪيو هو ته ڀارتي پرڏيهي وزير سان ملاقات نه ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم گهڻ رخو فورم آهي جنهن جو پاڪستان 2017ع ۾ ميمبر بڻيو آهي. هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اج??اس ۾ شرڪت جي موقعي تي ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي خلاف ٿيندڙ پروپئگنڊه جو جواب ڏيڻ جو موقعو مليو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي ۽ هو خطي ۾ امن جو خواهشمند اهي، ڀارتي بيانيي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو، پاڪستان دهشتگردي کان شديد متاثر ٿيو، دهشتگردي پوري دنيا، خطي ۽ پاڪستان جو به مسئلو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ ۽ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو متاثر آهيان. هن چيو ته سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي جي آجيان ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته آئون ڪنهن به پليٽ فارم کي ڇڏڻ جو حامي نه آهيان، آگسٽ 2019ع کانپوءِ شنگهائي تعاون تنظيم جي اج??اس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪافي مشڪل ه??. ه?? چيو ته جيڪڏهن ڪميٽي اجازت ڏي ته جي – 20 اج??اس تي ان ڪئميره بريفنگ بهتر ڏئي سگهان ٿو. سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اس??ين??نگ ڪميٽي جي اج??اس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.