اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پهريون آر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئي، اسان بهادري سان عمران خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين، عمران خان اسان جي خلاف ڪوڙا ڪي?? ٺاهيا، م??لم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سميت اسان ڄمي بيٺل رهياسين ۽ سرخرو ٿياسين ڇو ته عوام ۽ قيادت کي خبر هئي ته هڪ رپئي جي ڪرپشن نه ڪئي، امانت سمجهي عوام جي خدمت ڪئي ۽ بهادري سان ڄميل رهياسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ناحق سزا کائيندڙن ۽ چورن ۾ ڀيٽ ڪرڻ جو آئينو پيش آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن م??لم ليگ (ن) ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون تصويرون شيئر ڪندي چيو ته هي تصويرون جرئت، بهادري ۽ وفاداري جون ناقابل فراموش مثال آهن ۽ عمران خان جي فسطائيت، بدترين سياسي انتقام ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جون واضح حقيقتون آهن. هن چيو ته م??لم ليگ (ن) جي قيادت چار نسلن جو حساب ڏنو ۽ سرخرو ٿي. هن چيو ته عمران خان ۽ ان جي ڪابينا گرفتاري تي روئيندي، ڀڄندي، گدڙن وانگر لڪندي رهي، توهان کي ڇڏيندي پئي وڃي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته توهان توشه خانه جا چور، ڪوڙا، فارن ايجنٽ، القادر ٽرسٽ جي 60 ارب جا ڌاڙيل آهيو. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان ۽ ان جي جٿن ملڪ تي لشڪرڪشيءَ ڪئي ۽ ڪرائي، اسان سان پنهنجي ڀيٽ نه ڪريو. مريم اورنگزيب چيو ته نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ۽ طيبه گل کي اغوا ڪري عمران خان اسان جي خلاف 15 ڪلو هيروئن سميت بنا جاچ جي ڪوڙا ڪي?? ٺاهيا ۽ جيلن ۾ وڌو. هن چيو ته عمران خان ۽ ان جي هٿياربن?? جٿن تي قومي ۽ حساس عمارتن تي حملي، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي، ريڊيو پاڪستان، مسجدن، اسڪولن، اسپتالن ۽ ايمبولينسز ساڙڻ جي ڏوهه جا ڪيس ٺهيا. وفاقي وزير چيو ته اسان جون ڌيئرون ڀينرون عمران خان جي گهٽ ظرف وحشياڻي انتقام جو نشانو بڻيون، عمران خان م??يم نواز کي نواز شريف جي ڪمزوري سمجهي پيءُ جي سامهون گرفتار ڪيو ۽ موت جي سزا جي چڪي ۾ وڌو. هن چيو ته عمران خان اسان بابت عدالتي فيصلا پڙهي ۽ شرم ڪري. مريم اورنگزيب چيو ته هي تصويرون توهان وانگر آرٽيفيشل انٽيلي جنس سان ٺاهيل تصويرون نه آهن پر توهان جي ڪاري دور جي بدترين فسطائيت جو واضح ثبوت آهن. جڏهن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف سميت مخالف ڌر بئنچز جون پهريون ٻه قطارون ??يل ۾ هيون، پنجاب جي مخالف ڌر اڳواڻ حمزه شهباز کي ??يل ۾ وڌو ڇو ته اهي توهان جي چوري، نااهلي ۽ عوام دشمني تي سوال اٿاريندا هئا. اطلاعات واري وفاقي وير چيو ته اهو فرق هوندو آهي حقيقي ۽ مصنوعي سياسي پارٽين ۽ قيادت ۾. اهو فرق هوندو آهي اصل سياسي پارٽي ۾ ۽ سياست جي لباس ۾ ويڙهيل هٿياربن?? جٿن ۾. هن چيو ته 75 سالا ملڪي تاريخ ۾ سياسي قائدين سياسي مخالفت ڪئي پر عمران خان پهريون آر ٽي ايس ساخته شخص آهي جنهن ملڪ سان دشمني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان سياسي مخالفن، ميڊيا سان دشمني ڪئي ۽ سڀ کان وڌيڪ ناقابل معافي ڏوهه اهو آهي ته عمران خان رياست سان دشمني ڪئي پر اسان بهادري سان عمران خان جي ڏاڍ کي منهن ڏنو ۽ ملڪ، جمهوريت ۽ سياست جي حفاظت ڪئي ۽ ڪندا رهنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ م??لم ليگ (ن) سميت ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون تصويرون پڻ شيئر ڪيون جن عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ جيلون ڪاٽيون.