اسلام آباد – 27 – ف??بر??ري (اي پي پي) پ??ڪس??ان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز سومر کان ساهيوال جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪندي ۽ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته مريم نواز جي صدارت ۾ سڀاڻي 28 ف??بر??ري تي ساهيوال ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو. اجلاس ۾ پارٽي جا مق??مي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. هن چيو ته اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. مريم نواز سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مريم نواز پهرين ف??بر??ري کان تنظيمي دورن جي شروعات ڪئي هئي، هو بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ سرگوڌا ڊويزنن جا دورا ڪري چڪي آهي.