اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي وڏي ڏک سان ڏکڻ ترڪيه ۾ شديد زلزلي جي خب?? ملي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ??يان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري ??لمناڪ ??اني نقصان تي ڀائر ترڪ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي آهي. بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ پنهنجي ترڪ هم منصب چاوش اولو سان رابطو ڪري ??ن سان جاني نقصان تي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ کيس مدد جي آڇ کي ورجايو. بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن دستياب وسيلن کي متحرڪ ڪري ??هي آهي جن ۾ سرديءَ جي موسم ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ۽ زندگي بچائيندڙ ٻيون اهم شيون شامل آهن، متاثر علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تربيت يافته اربن سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمن کي انهن جي اوزارن ۽ دوائن سان گڏ روانو ڪيو پيو وڃي. بيان موجب انقره ۾ پاڪستان جو مشن لاڳاپيل ترڪ عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن زلزلي کان متاثر علائقن جي لاءِ ڪنهن اضافي ضرورت جي نشاندهي ڪري ??گهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان شديد قدرتي آفت جي ڏس ۾ ترڪيه جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جڏهن ته پاڪستان فوري ??مدادي ڪوششن کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلن ۾ ترڪيه سان گڏ ڪ?? جاري ??کندو.