اسلام آباد -05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي معاملن بابت مشير قمر الزمان ڪائره چيو آهي، ته ??اڪ??تاني ??وم اڄ سڄي دنيا ۾ ي??م يڪجهتي ڪشمير ملهائي رهي آهي ته جيئن ڪشميرين جي حق خوداراديت جي حمايت جو پيغام سڄي دنيا ۾ پهچائي سگهجي. عالمي برادري کي ڪشمير جي معصوم ماڻهن تي ڀارت جي ظلم ۽ بربريت تي خاموشي ٽوڙڻ گهرجي، اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم نهرو ڪشميرين سان اهو واعدو ڪيو هو ته هو گڏيل قومن جي ٺهرائن ذريعي ڪشمير تڪرار حل ڪرائيندو. پرڏيهي وزارت ۽ ڪشمير گلگت بلتستان جي معاملن واري وزارت جي اهتمام هيٺ گڏ??ل طور تي منعقد ڪيل يڪجهتي واڪ کي خطاب ڪندي قمر الزمان ڪائره چيو ته ??اڪ??تان ڪشمير جي شهه رڳ ۽ اڻٽٽ انگ آهي. هن چيو ته ي??م يڪجهتي ڪشمير ملهائڻ جو واحد مقصد عالمي برادري جي ضمير کي جهنجهوڙڻ آهي. ڪشميرين جي حمايت جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته ??اڪ??تان ۾ هر شعبي سان تعلق رکندڙ شخصيتون، شاگرد، صحافي ڪشميرين جي حق خوداراديت واري مطالبي جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڀارت ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد کي دٻائڻ لاء?? مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر اهو ڪڏهن به پنهنجي ناڪام ايجنڊا ۾ ڪامياب نه ٿيندو، ان موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڄمون ڪشمير جي سينئر اڳواڻ غلام محمد صفي ڪشميرين جي آزادي واري جدوجهد ۾ حمايت ڪرڻ تي ??اڪ??تان ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته عالمي برادري تي زور ڀريو وڃي ته اها مظلوم ڪشميرين خلاف ڀارت جي ظلم کي روڪڻ لاءِ ان تي دٻاءُ وجهي.