اسلام آباد – 03 – ??يبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن پشاور ۾ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائينز جي مسجد ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي خوفناڪ واقعي جي سببن تي غور ڪيو ويندو. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي به خيا??ن جي ڏي وٺ ٿيندي. اجلاس ۾ و??اق?? وزير، چئني صوبن، گلگت بلتستان جا وڏا وزير، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم، سيڪيورٽي فورسز، پوليس جا عملدار ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر شرڪت ڪندا.