نيويارڪ – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ساباڪوروسي سا?? ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ٻوڏ جي تباهين کا??پوءِ پاڪستان سا?? يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد منظور ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ماحولياتي تبديلين جي اثرن، پاڻي جي بحران، پائيدار ترقي جي هدفن سميت مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنرل اسيمبلي جي صدر گروپ آف 77 ۽ چين جي ڪامياب قيادت تي پاڪستان کي ساراهيو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر پرڏيهي وزير کي مارچ 2023ع ۾ گڏيل قومن جي ايندڙ پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي پاڪستان پاران مڪمل حمايت ۽ ??عا??ن جو يقين ڏياريو.