اسلام آباد– 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ناليواري ديني عالم جامعه دارالعلوم ڪراچي جي صدر مفتي رفيع عثماني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسو?? جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري تعزيتي بيان ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علمي خدمتن ??ي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته هن فقه، حديث ۽ تفسير جي شع??ي ۾ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون، مفتي رفيع عثماني جي ديني ۽ علمي خدمتن کي ياد رکيو ويندو. صدر مرحوم جي د??جن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي د??ا ڪئي.