اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو آهي ته عمران نيازي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، بي بنياد الزام بازي بدران جوڊيشل ڪميشن جي جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪيو وڃ??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شه??از شريف چيو ته عمران نيازي ا??شد شريف جي افسوسناڪ قتل کي پنهنجي گهٽيا سياست جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ رياستي ا??ارن تي شڪ شبهن جو اظهار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ بي بنياد الزام هڻڻ بدران جوڊيشل ڪميشن جي جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪرڻ گهرجي.