اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عا??مي معيشت کي درپيش خط??ن کي روڪڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين سوچ، جرئتمنداڻي ويزن جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئُون سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي فيوچر انويسٽمينٽ انيشيٽو سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ سعودي روانو ٿي رهيو آهيان. هن چيو ته عا??مي معيشت جي موجوده صورتحال ان ڳالهه جي گهرجائو آهي ته معيشت کي درپيش مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ نوان رستا ڳولڻ جي لاءِ نئين سوچ ۽ جرئتمنداڻو ويزن اختيار ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته معيشتن کي نقصان پهچندڙ عا??مي ٻاڙائي سان معيشت کي خط??ن بابت ??ديد خدشا آهن. وبا ۽ آبهوا سان پيدا ٿيندڙ آفتن اڳ ۾ ئي اسرندڙ مل??ن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي. وقت اچي ويو آهي ته دنيا بامقصد ڳالهين جي ذريعي وڌندڙ چئلينجن جو حل ڳولي.