پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ڪي پي ڪي جي اٽڪل سڀني ٻ??ڏ سٽيل علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي. سوات ۽ـ باجوڙ جي ڪجهه ٻوڏ سٽيل علائقن کانسواءِ ڪي پي ڪي جي سڀني ضلعن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي جنهن ۾ پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدار ۽ فيلڊ اسٽاف تعريف جا حقدار آهن. اهڙن خيالن ??و اظهار هن ٻوڏ متاثر گرڊ اسٽيشنز، ف??ڊر??، ٽرانسميشن لائنن ۽ ٿنڀن سميت بجلي جي بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪمن جي حوالي سان پيسڪو هيڊ ڪوارٽرز ۾ ا??لي?? سطحي اجلاس جي صدارت کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن پيسڪو ۽ ٽيسڪو عملدارن کي هدايت ڪئي ته مٿاهين سوات ۽ باجوڊ جي باقي رهيل ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ جلد کان جلد بجلي بحال ڪئي وڃي. هن چيو ته 9 بند گرڊ اسٽيشنن مان 6 گرڊ اسٽيشنن تي بجلي بحال ڪئي وئي آهي، اهڙيءَ طرح صوبي ۾ 126 متاثر ٿيندڙ ف??ڊر?? مان 121 ف??ڊر?? کي بحال ڪيو ويو آهي. وزي??اع??م شهباز شريف جي هدايت تي ٻ??ڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو وٺڻ لاءِ پشاور پهتل وفاقي وزير چيو ته تباهه ٿيل بجلي جي ٿنڀن ۽ ٽرانسميشنن لائنن کي ترجيحي بنيادن تي ٻ??هر تعمير ڪيو ويندو . هن چيو ته وزي??اع??م شهباز شريف ڪي پي ڪي جي ٻ??ڏ متاثرن لاءِ 10 ارب رپيا مالي امداد جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن متاثر آباديءَ کي رليف فراهم ڪري سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي بجلي جي بلن ۾ رليف جي فراهميءَ لاءِ قومي پاليسي بڻائي ويندي. هن چيو ته ڪي پي ڪي کانسواءِ سنڌ، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي آهي. هن چيو ته بجلي جي نقصانن تي ضابطو آڻڻ ۽ ريڪوري وڌائڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي پئي وڃي.