اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب شهباز گل کي اسلام آباد پوليس جي حوالي نه ڪرڻ جي قدم کي توهين عدالت قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خ??ن ۽ پنجاب حڪومت عدالت جي واضح حڪم جي توهين ڪئي آهي، وفاقي پوليس جي جوابدار کي عمران خان جي حڪم تي پنجاب حڪومت اغوا ڪري رهي آهي، شهباز گل طبي طور تي بلڪل ٺيڪ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته عمران خان جو شيطاني دماغي رويو ڪنهن قانون ۽ اداري کي نه ٿو مڃي، عمران خان 8 سالن تائين فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن مان ڀڄ??دو رهيو آهي. هن چي?? ته عمران خ??ن ۽ پي ٽي آءِ عدالتن ۾ پنهنجي خلاف سمورن ڪيسن ۾ خلاف ورزي ڪئي، عمران خان نوٽيس جي جواب ۾ ايف آءِ اي کي رڪارڊ ۽ جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مريم اورنگزيب چي?? ته سياسي مخالفن کي جعلي ڪيسن ۾ جيلن ۾ وجهندڙ عمران خان پنهنجو وارو اچڻ تي قانون جو باغي بڻجي ويو آهي، عمران خان ادارن جي اندر بغاوت جي ڪال ڏني آهي. هن چي?? ته شهباز گل جي ڪيس ۾ جاچ ٿي رهي آهي ته عمران خان پنجاب حڪومت جي آءِ جي کي استعمال ڪيو، اهو سلسلو ڪالهه کان جاري آهي. هن چي?? ته اهو هوندو آهي ته اختيارن جو ناجائز استعمال، ان کي نه ته توهين عدالت جي پرواهه آهي ۽ نه ئي قاعدن ۽ ضابطن جي، عمران خان کي آئين ۽ ڪنهن قاعدي ۽ قانون جي ڪا پرواهه نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته عمران خان چئي رهيو آهي شهباز گل کي اگهاڙو ڪري ماريو ويو جڏهن ته پنج??ب جي قانون وارو وزير جڏهن شهباز گل سان ملي آي?? ته هن ميڊيا آڏو چي?? ته شهباز گل بلڪل ٺيڪ ۽ فٽ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته شهباز گل اڊيالا جيل ۾ وفاقي پوليس جو قيدي آهي، ڪو قانون اجازت نه ٿو ڏي ته پنجاب حڪومت خط لکي روبڪاري جاري ڪرائي. هن چي?? ته عدالت جو فيصلو اچي چڪو ??هي، شهباز گل جو ريمانڊ ٿي ويو آهي، عدالت جي فيصلي تي پوري طرح عمل ڪيو ويندو. هن چي?? ته پنجاب حڪومت ۽ پرويز الاهي هن وقت فلڊ ايرياز ۾ نه ٿا وڃي سگهن پر شهباز گل جي روبڪاري جي لاءِ هن وقت پنج??ب جي سي ايم هائوس ۾ قانون جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن.