اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي بادشاهه ??مد بن عيسيٰ آل خليفه سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف خوشي جي ان موقعي تي بحرين جي ڀائر عوام جي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ پڻ نيڪ خواهش?? جو پيغام ڏنو. وزيراعظم ورجايو ته پاڪ??تا?? سلطنت بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي قدر جي نگاهه ??ان ڏسي ٿو. هن سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي عزم جو اظها?? ڪيو. وزيراعظم ڪورونا عالمي وبا دوران بحرين جي حڪومت پاران اتي رهندڙ پاڪ??تا??ين جي سارسنڀال جي لاءِ قدم کڻڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف جي عيد جي مبارڪباد ۽ بحرين جي عوام جي لاءِ خيرسگالي جي خواهشن تي بحرين جي شاهه ??مد بن عيسيٰ آل خليفه عيدالفطر ۽ تازين چونڊن ۾ وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم شهباز شريف کي مبارڪباد ڏني. بحرين جي پاڪ??تا?? سان ٻطرفن لاڳاپن ۽ تعاون کي وڌيڪ پڪو ۽ گهرو ڪرڻ جي پنهنجي عزم کي ورجائيندي بحرين جي شاهه چيو ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو وزيراعظم سان ويجهي تعاون ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ منتظر آهي.