اسلام آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و آهي ته وزيراعظم عمر??ن خان جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ادارن جي مضبوطي تي يقين رکي ٿي. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته اهي حڪومت ۾ هجن ته سڀ سٺو هوندو آهي، مخالف ڌر ۾ هجن ته هر معاملي ۾ ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ انهن جو شيوو آهي، اسان کي اداري کي بدنام نه ڪ??ڻ گهرجي جڏهن اسان روزاني جي بنياد تي دهشتگردي جو مقابلو ڪري رهيا هجون، اسان جا آفيسر ۽ جوان روزانو قربانيون ڏئي رهيا آهن ڪالهه به پاڪ فوج جو هڪ ڪيپٽن ۽ جوان شهيد ٿيا. هن چيو ته ساڍا 3 سال کان اسان ٻڌندا پيا اچون ته عدم اعتماد جي رٿ ??چي رهي آهي، هاڻي جڏهن ته (ن) ليگ کي عدم اعتماد ناڪام ٿيندي نظر ??چي رهي آهي ته انهن جو دماغي توازن وڃائجي ويو آهي، اڄ (ن) ليگ مون کي ڇو ڪڍيو جي پوزيشن تي ??چي بيٺي آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته (ن) ليگ کي سدائين ان وقت ٽيليفون ڪالز جي ياد ايندي آهي جڏهن اها سياسي طور تي بند گهٽيءَ ۾ وڃي پهچي ٿي، (ن) ليگ سدائين قومي مفاد تي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏني، لنڊن ۾ ويهي حمدالله جهڙن دشمنن سان ملاقاتون انهن جو شيوو رهيو آهي، ڀڳوڙو بڻجي لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف ادارن جي خلاف زهر اوڳاڙيندو رهيو آهي.