اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان آبپاشي جي حوالي سان سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آبي ذخيرن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳو بڻائڻ ملڪي غذ??ئي تحفظ لاءِ انته??ئي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ آبپاشي جي نظام جي بهتري لاءِ جامع لائحه عمل تي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي صوبن ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ لاءِ پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري نظام، نهري پاڻي کي زرعي زمينن تائين ضايع ٿيڻ کانسواءِ پهچائن لاءِ حڪمت عملي، پاڻي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر نظام ۽ آبپاشي جي نظام کي وسيع ڪري غير آباد زمينن کي پوکي جي لائق بڻائڻ لاءِ منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو موجوده حڪومت دريا??ي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي منصوبن تي سنجيدگي سان عملدرآمد کي يقيني بڻ??ئي رهي آهي ۽ ان ڏهاڪي کي ڊيمن جي تعمير جي ڏهاڪي جو نالو ڏنو ويو آهي، ان کانسواءِ پنجاب صوبي ۽ خيب??پخ??ونخوا ۾ پاڻي چوري جي روڪٿام جي قدمن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزير??عظ?? جي غذ??ئي تحفظ کي ترجيح ڏيڻ جي ويزن تحت حڪومت ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان تي به عملدرآمد يقيني بڻ??ئي رهي آهي، وزير??عظ?? سمورن جاري منصوبن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي پاڻي جي ذخيرن جي منصوبن جي وقت سر تعمير ۽ زرعي زمين کي آبپاشي سان پوکي جوڳي بڻائڻ کي ملڪي غذ??ئي تحفظ لاءِ انته??ئي اهم قرار ڏنو. اجلاس ۾ وزير??عظ?? جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، نائب منصوبابندي ڪميشن جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته خيب??پخ??ونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ اعليٰ صوب??ئي آفيسرن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.