اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان صوماليه سا?? پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، اسان صوماليه سا?? سائنسي، ??ني?? دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي موقعي ت?? صوماليه جي پنهنجي هم منصب عبدالسعيد موسي علي سا?? ملاقات دوران چئي. ملاقات دوران ٻط??فن لاڳاپن، علائقائ?? صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان صوماليه سا?? پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته عوامي سطح تي ٺوس رابطا ٻط??فن لاڳاپن جي استحڪام جي لاءِ لازمي آهن، هن وقت 2000 جي لڳ ڀڳ صومالي شاگرد پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته جلد ئي ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت کي حتمي شڪل ڏني ويندي، اسان صوماليه سا?? سائنسي، ??ني?? دفاعي ۽ سفارتي شعبن ۾ پنهنجي مسلسل معاونت جي لاءِ تيار آهيون. پاڪستان نادرا جي ذريع?? صوماليه جي قومي ڊيٽا بيس جي قيام سا?? گڏوگڏ فوجي تربيتي ڪورسز ۾ پڻ معاونت جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان صوماليه سا?? ٻطرفي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ويا ته ان جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ سڄي دنيا جي لاءِ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. صوماليه جي پرڏيهي وزير او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي اعليٰ انتظامن کي ساراهيندي پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.