ملتان – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ان کي خطي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آهي ۽ هتي رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي، سيالڪوٽ سانحي جي مذمت ڪريون ٿا، عالم ۽ سمورن مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ طبقا به ان واقعي جي نه رڳو مذمت ڪن پر لاتعلقي جو اظهار ڪن، هڪ طبقو پاڪستان ک?? بدنام ڪر?? جي ڪوششن ۾ لڳل رهندو آهي، اهو پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، آستان?? مان سدائين محبت، رواداري، اخوت ۽ امن جو درس مليو آهي، عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن عالم سهروردي ملتاني جي 708 هين سالياني عرس جي تقريب جي موقعي تي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ انهن جي اوليا الله سان عقيدت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ان پُروقار محفل ۾ سانحي سيالڪوٽ تي پنهنجو ۽ حڪومت پاڪستان جو موقف واضح ڪر?? چاهيان ٿو ته اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قرار واقعي سزا ملندي، اسان جو عدل جو نظام انه?? ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو.هن چيو ته ڪو به واقعو پاڪستان ۾ ٿيندو آهي ته ??ڪ مخصوص طبقو پاڪستان ک?? بدنام ڪر?? جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هو دنيا جي ??ام??ون ابتڙ واقعا پيش ڪندو آهي اسان کي انهن کان محتاط رهڻو پوندو ۽ اهو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته ??ون برسلز ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪندي چيو ته اهڙا واقعن جو نه ته اسلام ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، هن چيو ته ??اڪستان ۾ رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي ۽ سمورا مڪتب فڪر جي علماءِ مشائخ ۽ عام شهرين سيالڪوٽ واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي ڇو ته ڪو به معاشرو ۽ مذهب اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏي.