اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ف??خ حبيب چيو آهي ته پشاور بي آر ٽي کي عالمي سطح تي بهترين پائيدار ٽرانسپورٽ ايوارڊ جي لاءِ شامل ٿيڻ جو سه??و خيبرپختونخوا حڪومت ڏانهن وڃي ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت کي خاص ڪريڊٽ ڏيڻ چاهيان ٿو جنهن جي خصوصي محنت جي ڪري پشاور بي آر ٽي کي عالمي سطح تي بهترين پائيدار ٽرانسپورٽ ايوارڊ جي لاءِ چونڊ??و ويو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پشاور بي آر ٽي هڪ جديد نظام جي ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ بهترين سهولتون فراهم ڪيون آهن.