اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??راعظم محمد شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ٿي. گڏيل عرب امارات جي صدر 2 بلين آمريڪي ڊالر جي موجوده قرض کي رول اوور ڪرڻ ۽ هڪ بلين آمريڪي ڊالر اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وز??ر چيو ته ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باقاعده ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. اطلاعات وا??ي وفاقي وز??ر چيو ته وز??راعظم شهباز شريف يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت به ڏني، جنهن تي هن رضامندي ظاهر ڪئي، دوري جي تاريخن جو فيصلو سفارتي ذريعي ڪيو ويندو.