نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته عالمي مسئلن ۽ بحرانن سان عورتون غيرمتناسب ط??ر تي متاثر ٿيون آهن، عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي ۽ خاص ط??ر تي موسميات?? تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي آو??ز جي وڏي اهميت آهي، پاڪستان ۾ تاز?? تباهي آڻيندڙ ٻوڏ 650000 کان وڌيڪ حاملا عورتن جي صحت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ ”فيمنسٽ فارن پاليسي“ جي موضوع تي هڪ تق??يب کي خط??ب ۾ڪيو. تق??يب جو انعقاد گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي ڪيو ويو. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته فيمنسٽ فارن پاليسي کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ عورت اڳواڻن جي لاءِ اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته عورتون تڪرارن ۽ بحران سان غيرمتناسب ط??ر تي متاثر ٿين ٿيون، ان ڏس ۾ انهن کي اصولن سان سچي وابستگي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. جرمني جي اهتمام هيٺ ان تق??يب ۾ عورت وزيرن ۽ اڳواڻن شرڪت ڪئي جيڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي لاءِ نيويارڪ ۾ موجود آهن.