اسلام آباد – 25 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن کي عوام دشمن قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته اهڙن عنصرن جي خلاف سخت ڪا??رو??ئي عمل ۾ آندي وڃي، مافياز سان گڏجي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن ۽ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ قانون م??جب ڪا??رو??ئي ڪئي وڃي، ملڪ ۾ ضروري شين جي ڪا به کوٽ نه آهي، هن اها ڳالهه ڪڻڪ ۽ ڀاڻ ج?? ذخيري جو جائزو وٺڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي دوران چئي. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته ربيع جي فصل لاءِ 6.6 ملين ميٽرڪ ٽن سرڪاري ڪڻڪ ۽ ڀاڻ جو مناسب ذخيرو دستياب آهي جيڪو ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ موزون آهي، سنڌ مان مليل انگن اکرن م??جب فرٽيلائيزر ڪمپنيون هتي ڪجهه ڊيرلن کي اضافي اسٽاڪ ڏئي رهيون آهن، وزيراعظم چيو ته حڪومت فرٽيلائيزر انڊسٽري کي گئس تي 120 ??رب روپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي جڏهن ته کين 100 ??رب روپين جون ٽيڪس مراعتون ڏنيون پيون وڃن، فرٽيلائيزر ڪمپنين پاران مختلف علائقن ۾ مخصوص ڊيلرن کي اضافي فرٽيلائيزر فراهم ڪئي پئي وڃي، اهي اطلاع آهن ته هت?? ذخيرو اندوزي ٿي رهي آهي، اهو فرق ذخيرو اندوزي کي فائدو ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪري هٿرادو کوٽ پيدا ٿي رهي آهي. وزيراعظم ان تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن جي خلاف فوري ڪريڪ ڊائون ۽ قانون م??جب ڪا??رو??ئي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته کنڊ جي شعبي لاءِ متعارف ڪرايل ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي ڀاڻ جي صنعت لاءِ به استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت عوام دشمن ڏوهارين جي خلاف موثر قدم نه کنيا ته وفاقي حڪومت مداخلت ڪري سگهي ٿي، چو ته سنڌ حڪومت پاران ڪا??رو??ئي نه ڪرڻ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ جون قيمتون ۽ فراهمي بري طرح متاثر ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آبادگار دوست پاليسيون متعارف ڪرايون آهن، مافيا صارفين جي مفاد جو خيال رکڻ بدران منافع خوري ۾ مصروف آهي.