اسلام آب??د ?? 29 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت معاشري جي محروم طبقن جي فلاح ۽ ڀلائي ??اء?? مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي، خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ انهن جي معاشي خودمختياري حڪومت جي اولين ??رجيح آهي، حڪومت احساس پروگرام تحت 20 لک خصوصي ماڻهن کي مالي امداد فراهم ڪندي، ڪامياب جوان پروگرام تحت خصوصي ماڻهن کي ڪاروبار ??اء?? قرض فراهم ڪيا پيا وڃن، حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار ??اء?? خصوصي ماڻهن کي قرض فراهم ڪري رهي آهي پر آگاهي نه هجڻ جي ڪري انهن قرضن سان خصوصي ماڻهن جو وڏو انگ فائدو نه کڻي رهيو آهي، ميڊيا خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ??اء?? کنيل قدمن بابت آگاهي پيدا ڪري ۽ معاشري ۾ خصوصي ماڻهن بابت تعصب جو ازالو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن ۾ خصوصي وهيل چيئرز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.