جهلم – 14 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌ??ي فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر وارا قومي اسيمبلي ۾ غير جمهوري حربا استعمال ڪري رهيا آ??ن، مخالف ڌر وارا گوڙ ڪري آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪيسن کان جان ڇڏائڻ چاهين ٿا، پارليامينٽ ۾ نيب ۽ حڪومت تي تنقيد جي بدران قانونسازي ۽ قومي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، فليگ شپ ريفرنس آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، نواز شريف جلد جيل ۾ هوندو، رانا ثناءُ الله جي خلاف ماڊل ٽائون سانحي جي ڪيس ۾ ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مي??يا سان ڳالهائيندي ڪيو.