واشنگٽن – 18 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار سان ملاقات ڪئي آهي?? پرڏيهي وزير شاهه محمو?? قريشي پنهنجي آمريڪا جي دورين جي موقعي تي وائيٽ هائوس، واشنگتن ۾ آمريڪا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ايمبسڊر رابرٽ اوبرائن سان ملاقات ڪئي، سندس اها ملاقات سيپٽمبر 2019ع ۾ مقرر ٿيندڙ نئين آمريڪي قومي سلامتي واري صلاحڪار سان پهرين باضابطا ملاقات آهي. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا ??طرفن لاڳاپن ۽ گ??يل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.