تهران-11 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل فياض بن حامدالرويلي اير??ن جو سرڪاري دورو ڪيو ۽ اير??ن جي هٿياربند فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل محمد باقري سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي ۽ دفاعي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جيڪي خطي ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري آهن. سعودي عرب جي چيف آف جنرل اسٽاف اير??ن جي انٽيليجنس ۽ سيڪيورٽي مع??ملن بابت اسسٽنٽ چيف آف اسٽاف ميجر جنرل غلام محرابي سان به ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل د??چس??ي جي مع??ملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ??ي اعليٰ سطح جا عسڪري عهديدار به موجود هئا.