ميڪسيڪو سٽي _ 29 آگسٽ (اي پي پي) ميڪسيڪو جي صدر اندريس مانوئل لوپز اوبردور ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي نتيجي ۾ آمريڪا ۽ ڪينڊا جي سفيرن سان لاڳاپا معطل ڪري ڇڏيا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق ميڪسيڪو سٽي جي سرڪاري محل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اوبرادور اعلان ڪيو ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سفيرن سان لاڳاپا في الحال معطل ڪيا ويا آهن ڇو ته انهن اسان جي عدالتي سڌارن تي تنقيد ڪئي هئي. هن ان ??ال??ه تي زور ڏنو ته هو ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ناهي ڪندو. آمريڪي سفير ڪين سلازار س??ن اسان جا لاڳاپا سٺا آهن پر في الحال معطل آهن. کيس ميڪسيڪو جي خود مختياري جو احترام ڪرڻ جي ضرورت ??هي جي??وڻ??ڪ اسان کيس اهو نه ٻڌائينداسين ته ڇا صحيح ??هي يا ڇا غلط آهي. اس??ن ان ک??ن احترام جي توقع ضرور ڪريون ٿا. صدر اوبرادور چيو ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي سفيرن سان معطل ٿيل لاڳاپن جو انهن جي مرڪزي حڪومتن سان ڪو تعلق ناهي، جيڪڏهن سفير ميڪسيڪو جي خودمختياري لاءِ ضروري احترام جو مظاهرو ڪندا ته لاڳاپا اڳ ۾ وانگر جاري رهندا.