اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مقرر پاڪستان جي وقتي هاءِ ڪمشنر تنوير احمد چيو آهي ته ڀارت جي 5 آ??سٽ جي غيرقانوني قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ?? مزاحمت جو نئون ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي. والاريل ڪشمير ?? ڀارتي فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪولمبو ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مودي جي قيادت ۾ ڀارتي حڪومت ملڪي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. وقتي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ?? هزارين اضافي فوجين کي مقرر ڪيو آهي، زندگي جي ضرورتن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ پابنديون هنيون، سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، هر قسم جي مواص??ات جي بندشن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو انساني بحران درپيش آهي.