اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) صحت ??اري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هيلٿ ورڪرز جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي قومي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان حڪومت انهن جي حفاظت کي اولين ترجيح ڏي ٿي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن پمز اسپتال جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳاله??ئي??دي ڪيو. ان موقعي تي هيلٿ وارو وفاقي سيڪريٽري عامر اشرف خواجه ۽ ڊي جي هيلٿ پڻ ساڻس گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جاري انتظامن ۽ قدمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي پمز جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر درپيش چئلينجز ۽ قدمن بابت بريفنگ ڏني.