اسلام آباد – 22 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي خطاب ۾ لاڪ ڊائون سان واڳيل حقيقتن طرف نشاندهي ڪئي آهي ۽ هو عوام کي ذميواري ??و احساس ڏياري ??هيو آهي، وزيراعظم ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي ڳالهه ڪئي آهي، نه ٿا چاهيون ته اهڙا قدم کڻون جنهن سان معاشي زندگي رڪجي وڃي ڇو ته ان سان ٻيا بحران پيدا ٿيندا، وزيراعظم عوام کي آگاهه ڪيو آهي ته حڪومت پنهنجي ذميواري ??دا ڪري ??هي آهي، ??وام به ذميواري ??و مظاهرو ڪري، موجوده صورتحال ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. نجي ٽي وي چينل ??ي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم جو واضح پيغام آهي ته روزاني جا م??املا هلڻ گهرجن ته جيئن ماڻهن جا م??مول جا ڪم متاثر نه ٿين.