??سل??م آباد – 21 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آمريڪا ۽ طالبان جي وچ ۾ امڪاني معاهدي جي ذريعي افغانستان ۾ قيام امن جي اميد ظاهر ڪندي چيو آهي ته پهريون ڀيرو درست رخ ۾ شيون اڳتي وڌي رهيون آهن، امڪان آهي ته انهن ۾ جلد معاهدو ٿي ويندو، فلاحي رياست ۽ وڌ کان وڌ کان ماڻهن کي امداد جي فراهمي لاءِ سياست ۽ حڪومت ۾ اچڻ ضروري ه??، اسان کي جدوجهد ڪرڻ گهرجي، نا??امي کان نه ڊڄڻ گهرجي، آئون نا??امي ۽ موت کان ناهيان ڊڄند??، اهڙن خيالن جو اظهار هن بيلجيئم جي نشرياتي اداري ”وي آر ٽي“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو.