اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ج?? اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پا??ليامينٽ پاڪستان جي اصل چهري کي اجاگر ڪيو آهي، ملڪ جي مفاد ۾ سمورين سياسي پا??ٽين قومي مفاد کي اهميت ڏني، پا??ليامينٽ ۽ ميڊيا مبارڪباد جا مسحق آهن، اڄ جمهوري عمل مڪمل ٿيو آهي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪ جي مسئلن جو حل پا??ليامينٽ آهي، قانونسازي جو عمل اتفاق راءِ سان مڪمل ٿيو آهي، سمورين سياسي پا??ٽين يڪجهتي جو مظاهرو ڪري قانون کي منظور ڪيو، دفاع ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورن ميمبرن کي وقت ت?? اطلاع ڏنو. پا??ليامينٽ هائوس ٻاهران سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ صحافين سان ڳالهائي??دي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا.