اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جي بالادستي کي ي??يني بڻائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، قومي مفاد تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ جو مفاد اسان سڀني جي ترجيح هجڻ گهرجي، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا قوم جي ضرورت آهي، هن ملڪ جي سلامتي ۽ دفاع اسان سڀني جي ذميداري آهي، جنهن کي ي??يني بڻائڻو آهي، اليڪشن ڪميشن ۽ قانونسازي جي حوال?? سان مخالف ڌر سان رابطي ۾ آهيون اميد آهي ته معاملا خير خوب?? سان حل ٿي ويندا، راڻا ثناءُ الله کي بي گناهي جو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙن ج?? ذهنن ۾ ابهام آهي، نجي ٽي وي چئنل سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته راڻا ثناءُ الله جو ڪيس مڪمل طور تي واضح آهي اهو ڪريڊٽ اي اي?? ايف جو ڏانهن وڃي ٿو جنهن جرئت ۽ بهادر?? سان طاقتور مافيا تي هٿ وڌو آهي.