اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڱاري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن باب?? پهرين عالمي فورم (جي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) ۽ سوئٽزرلين?? جي حڪوم?? جي آر ايف جي گڏيل ميزباني ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ترڪ?? جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمن?? جي اڳواڻن سان پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪردار سبب فورم جي گڏيل صدار?? جي دعوت ڏني آهي.