ڍاڪا-29 نو??بر (اي پي پي) بنگلاديش ۾ هلندڙ سال ڊي??گي سبب فوتگين جو تعداد 1600 کان وڌي ويو. ميڊيا رپورٽن موجب ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف هيلٿ سروسز ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال کان هن وقت تائين 3 لک 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڊي??گي سبب متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ڊي??گي سبب ٿيل فوتگين جو تعداد گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ڇهوڻ تي وڌيڪ آهي. صحت جي ماهرن هلندڙ سال ڊي??گي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته عام طور تي سانوڻي جون برساتون خ??م ٿيندي ئي ڊي??گي وائرس گهٽجڻ شروع ٿي ويندو آهي جڏهن ته هلندڙ سال نو??بر ۾ ڊي??گي جا 38 هزار ڪيس رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ڍاڪا جي بنگابنڌو شيخ مجيب ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر محمد شرف الدين احمد ٻڌايو ته گذريل سالن ۾ ان عرصي دوران اسان ڊي??گي جو ڪو به مريض رڪارڊ نه ڪيو هو.