اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي رومانيا، صوماليا، نيپال، جاپان ۽ بنگلاديش جي سفيرن اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ هڪ تقريب دوران پنهنجو?? سفارتي سندون پيش ڪي??ن. ??در کي رومانيا جي نامزد سفير ڊان اسٽوئنسڪو، وفاقي جمهوريه صوماليا جي نامزد سفير شيخ نور محمد حسن، نيپال جي نامزد سفير ريتا ڌت??، جاپان جو نامزد سفير اڪامتشو شيوچي ۽ بنگلاديش جي نامزد هاءِ ڪمشنر محمد اقبال حسين خان پنهنجُو?? سفارتي سندُون پيش ڪيُ??ن. ??در سفيرن جو استقبال ڪندي کين سندن مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن جي ايوان صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي هڪ دستي کين گارڊ آف آنر پيش ڪيو.