لاهور-23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ آف??يڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم خلاف و?? ڊي ڪرڪيٽ سيريز ۾ شاندار فتح تي قومي ٽيم کي شاباس ڏني آهي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي شاندار فتح تي سڄي قوم کي مبارڪو?? ڏيندي چيو آهي ته قومي ٽيم و?? ڊي سيريز دوران بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ سيريز ۾ مخالف ٽيم کي ڪلين سوئيپ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پي سي بي چيئرمين ۽ ٽيم مينيجمينٽ جي ڪارڪردگي جي پڻ واکاڻ ڪئي ۽ ام??د جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به اهڙين ڪاميابين جو سلسلو جاري رهندو.