لاهور 8211; 23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستا?? ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي ڏکڻ آفريقا خلاف ون ڊي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ تي پاڪستا?? ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪون ڏ??يون آهن. جاري بيان ۾ هن ??يو ته پاڪستان پهرين ٽيم آهي جنهن ??کڻ آفريقا جي سرزمين تي ون ڊي سيريز ۾ ٽئي ميچون کٽي وائيٽ واش ڪيو آهي. قومي ٽيم کي ٽئين ون ڊي ميچ کٽڻ ۽ ڏکڻ آفريقا کي وائيٽ واش ڪرڻ تي مبارڪون ڏ??ان ٿو. اها شاندار ڪاميابي ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته صائم ايوب هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو ڪلاس ثابت ڪيو ۽ سينچري اسڪور ڪري ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته محمد رضوان ۽ بابر اعظم سٺي بيٽنگ ڪئي، اهڙي طرح سفيان مقيم شاندار بالنگ ڪري قوم جون دليون کٽي ورتيون. هن ??يو ته سڄي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جا رانديگر پراعتماد نظر آيا ۽ هو جذبي ۽ محنت سان کيڏيا. ان ڪاميابي سبب رانديگرن جو مورال وڌندو ۽ چيمپئينز ٽرافي ٽونامينٽ ۾ به پاڪستاني ٽيم اهڙي ئي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.