اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش سان ??نهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن، ??اڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وجب پاڪستان ۾ بنگلاديش جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر محمد روح العالم صديق وزيراعظم محمد شهباز شريف سان الوداعي ملاقات ڪئي. بنگلاديشي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ پنهنجو چار سالن جو مدو پورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ بنگلاديش لاڳاپن جي فرو?? جي لاءِ هاءِ ڪمشنر جي شاندار خدمتن ??ي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان بنگلاديش سان ??نهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ ثقافت تي ٻڌل آهن. بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ موجوده خيرسگالي جي لاڳاپن کي ٺوس تعاون ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پاڪستان ۾ قيام دوران کيس فراهم ڪئي ويندڙ سهولتن ۽ تعاون تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.