اسلام آباد – 29 – نومبر (ا?? پي پي) قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي روسي هم منصب روسي فيڊريشن جي اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ??لو??ن وياچسلاو وڪٽورووچ جي خصوصي دعوت تي ماسڪو جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ماسڪو ۾ ڊوما جي چيئرمين ??لو??ن وياچسلاو وڪٽوروچ، فيڊريشن ڪائونسل جي چيئرپرسن ويلنٽينا ماتو يينڪو، ڊوما جي وائيس چيئرمين اليگزينڊر باباڪوف ۽ مفتي اعظم جي ڪائونسل جي نائب چيئرمين دمير مقتدينوف سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. ترجمان چ??و ته ان دوري جو مقصد پارلياماني مٽاسٽا جي ذريعي ٻ??هي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ آهي. هن چ??و ته ڊوما ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي وچ ۾ پارلياماني تعاون ۽ مٽاسٽا کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان ايم او يو تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.