لاهور- 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي وفد لاهور ۾ مل??قات ڪئي آهي. مل??قات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ۾ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر، قومي اسيمبلي ميمبر سيد نويد قمر ۽ ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب شريڪ هئا. پاڪستان مسلم ليگ (ن) طرفان قانون و??رو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، سينئر اڳواڻ راڻا ثناءُ الله به مل??قات ۾ شامل هئا. مل??قات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي حڪومت جي اهم اتحادي پارٽي آهي، پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومت جي هر قدم ۾ ساٿ ڏنو آهي. مل??قات لاءِ آيل پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملڪي معيشت جي استحڪام لاءِ حڪومتي مع??شي پاليسين جي واکاڻ ڪئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد حڪومتي پاليسين ۽ قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي.