اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 27 آ??ٽوبر تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ”ڪارو ڏينهن“ ملهايو ويندو، اهو ڏينهن ڀارتي فوجين جي سرينگر ۾ داخل ٿيڻ جي 77 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي بطور ڪارو ڏينهن ملهايو ويندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪشميري عوام ڪڏهن به پنهنجي سرزمين تي ڀارتي قبضي ?? خودمختياري جي حق کان م??لس?? انڪار کي قبول ناهي ڪيو. ترجمان چيو ته ڪشميرين جون ڏ??اڪن جي قبضي ۽ ڏاڍ جي باوجود پنهنجي حقن ۽ آزادي ج?? لاءِ انهن جون امنگون زندهه آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل ج?? لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.