اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف لبنان ۽ غزه جي لا??ِ امدادي سامان جا ٻه جهاز فوري طور تي موڪلڻ، امدادي سامان جي پهچ جي رفتار ۾ تيزي ۽ وزيراعظم غزه ۽ لبنان بابت ريليف فنڊ جي حوالي سان ڀرپور آگاهي مهم هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ غزه، فلسطين ۽ لبنان ۾ پا??ست??ن پاران موڪلي ويندڙ امداد جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اقتصا??ي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين، اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم لبنان ۽ غزه جي لا??ِ امدادي سامان جا ٻه هوائي جهاز فوري طور تي موڪلڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هوائي رستي کانسواء?? زميني رستن ذريعي به ٽرڪن وسيلي امدادي سامان لبنان ۽ غزه جي لا??ِ روانو ڪيو وڃي. وزيراعظم امدادي سامان موڪلڻ جي حوالي سان فلسطين، لبنان، اردن ۽ مصر ۾ مقرر پا??ست??ني سفيرن سان رابطن کي وڌيڪ ب??تر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته امداد ضرورتمندن تائين پهچي. هن امدادي سامان موڪلڻ جي رفتار تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل ڪئي ته پا??ست??ني عوام خاص طور تي سرنديءَ وارا ماڻهو وڌي چڙهي غزه ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ ۾ عطيو جمع ڪرائين. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۽ ملڪ کان ٻاهر رهندڙ پا??ست??ني آءِ بي اي اين نمبر IBAN:PK11SBPD000000111111429 2 ۾ عطيو جمع ڪرائي پنهنجي فلسطيني ۽ لبناني ڀائرن جي مدد ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن غزه ۽ لبنان بابت وزيراعظم ريليف فنڊ جي حوالي سان ڀرپور آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان موقعي تي اجلاس کي لبنان ۽ غزه ۾ پا??ست??ن پاران امدادي ڪاررواين تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته پا??ست??ن پاران غزه ۽ لبنان ۾ اسرائيلي جارحيت کان متاثر ڀينرن ڀائرن جي لا??ِ سرديءَ کان بچڻ وارا ٽينٽ، ڪپڙا، ڪمبل، دوائون، روزاني جي استعمال جون شيون موڪليون پيون وڃن. اسرائيلي حملن ۽ گهيراءُ سبب فلسطين ۽ لبنان جي متاثر علائقن ۾ امدادي سامان جي فراهمي ۾ مشڪلاتون درپيش اچي رهيون آهن. جيڪي اين جي اوز غزه ۽ لبنان جي متاثرين جي لا??ِ رقم ۽ امدادي سامان موڪلڻ چاهين ٿيون انهن کي امدادي سامان موڪلڻ جي حوالي سان حڪومت پاران سهولتون فراهم ڪيون وينديون.