اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪي?? بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ملتان ٽيسٽ کٽڻ تي پاڪستاني ٽيم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو آھي ته ڊگھي عرصي ب??د ھوم ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي جو ڪريڊٽ قومي ٽيم جي محنت جو ??تيجو آھي. جمعي ڏينھن گھرو وزير محسن نقوي پنھنجي پيغام ۾ چيو ته ساجد خان ۽ نعمان علي شاندار بالنگ ڪري تيسٽ ميچ جي ڪاميابي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن چيو ته ڪامران غلام پھرين ئي ميچ ۾ سينچري ٺاھي پنھنجي ڀرپور صلاحيتن جو ??ظ??ھر?? ڪيو. ھن چيو ته محنت، جذبي ۽ پروفيشنل سوچ سان ٽيم راند کيڏي ۽ڪاميابي حاصل ڪئي. ٽيم ۾ نئين رانديگر پنھنجي سليڪشن کي درست ثابت ڪيو ۽ اميد آھي ته انگلينڊ خلاف ٽئين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ به قومي ٽيم بھترين ڪارڪردگي جو ??ظ??ھر?? ڪندي سيريز پ??ھنجي نالي ڪندي.