اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سعو??ي سيڙپڪارن لاءِ ڪيترائي پرُڪشش ۽ اهم منصوبا موجود آهن، سعودي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت منصوبن جي آڇ به ڪنداسين. وفاقي وزير عبدالعليم خان سعودي جي سيڙپڪاري واري وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته سعو??ي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ ڪيترائي پرڪشش ۽ اهم منصوبا موجود آهن، مواصلات جي شعبي ۾ ايم – 6 ۽ ايم – 9 موٽر وي جي منافعي بخش منصوبن ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهجي ٿي. سيڙپڪاري بورڊ طرفان ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پڌرائي موجب وفاقي وزير سعودي وفد کي بريفنگ دوران ٻڌايو ته ڪراچي بندرگاهه کي پهرين کان موجود موٽر وي س??ن ڳنڍڻ چاهيون ٿا، ڪراچي کان حيدرآباد ۽ سکر موٽر وي جي جلد کان جلد تڪميل اولين ترجيح آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته نجڪاري لاءِ اهڙا سرڪاري کاتا پائپ لائين ۾ آهن جيڪي فوري منافعو ڏئي سگهن ٿا. سعودي عرب سان هر طرح جي حصيداري ۽ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. عبدالعليم خان چيو ته گذريل 6 مهينن ۾ سرڪاري ادارن ۾ نمايان بهتري ۽ سڌارن جو عمل متعارف ڪرايو آهي. سعودي واپاري برادري کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت به منصوبا پيش ڪنداسين. مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري جا شعبا بهترين بزنس ماڊل وارا آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي س??ودي وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح وفاقي وزير عبدالعليم خان جي آڇ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي س??ودي وفد، واپاري برادري ۽ سرڪاري عملدارن طرفان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته اسان جي دل پاڪستاني عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي.هي اسان جو پنهنجو گهر آهي. پاڪستان جي ان دوري کي وڌ کان وڌ فائديمند بڻائينداسين. بريفنگ دوران مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي سيڪريٽرين به سعودي وفد کي اهم معاملن جي حوالي س??ن تفصيلن ک??ن آگاهه ڪ??و. ??ن کانپوءِ منعقد اجلاس ۾ سعودي وفد سان گڏ جوائنٽ منسٽريل ڪانفرنس، جي ٽو جي س??ح تي گڏيل سهڪار تي غور ڪيو و??و. ??جلاس ۾ وفاقي وزيرن مصدق ملڪ، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، ڄام ڪمال خان ۽ اويس لغاري، مملڪتي وزير شزه فاطمه، احمد چيمه، علي پرويز ملڪ ۽ شيخ قيصر کانسواءِ سينئر عملدار به موجود هئا.